Ticker Posts

3/Sufi/recent/ticker-posts

Header Ads Widget

هولي ڪوڙ جي مٿان سچ جي سوڀ

هولي ڪوڙ جي مٿان سچ جي سوڀ 

هولي ڪوڙ جي مٿان سچ جي سوڀ ۽ لڱائي مٿان چڱائي جي سورهيائپ کي ملهائڻ
 جو ڏڻ آهي. اسان منجهان گهڻن کي ان ڏينهن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ڪونهي. هن پوسٽ ۾ گهڻو مواد ان ڏڻ جي تاريخ تي بہ آهي.
هي ڏڻ سنڌ جو تاريخي ڏڻ آهي جنهن ۾ مذهبي انتهاپسندي کي رد ڪري انساني رواداري جي قدرن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ويندو آهي تہ جيئن محبتون نفرتن کان کٽي وڃن، اڄ جي ميڊيا رڳو نفرتن جي پرورش ڪري رهي آهي اچو تہ گڏجي سنڌ جي مهان ريتن رسمن رواجن ۽ تهوارن جي ڳالھ ڪيون جن سان سنسار کي ڪروڌ ۽ ڪپت بدران پريم ۽ ڀائيچارو نصيب ٿئي.

holi in sindh


هولي جا منطقي مول متا

 وڏي طاقتن کي ننڍي طاقتن جو چتاءُُ

 زورآور ماڻهن جي خدائي جي دعوائن جو انڪار ۽ بغاوت

 لڱائي تي چڱائي جي سوڀ

 نئين مند جو آڌر ڀاءُ ۽ ڀليڪار

 پريمي رسمن کي پالڻ ۽ واڌ ويجھ

 ٿڌ کان پوءِ جسم ۾ داخل ٿيل بيمارين جو علاج

 گڏجڻ ۽ ايڪتا جي طاقت جو تجربو ڪرڻ ۽ آس ۽ وشواس جي سوڀ پسڻ


جيئن سياري جي موسم موڪلائي ٿي تيئن ئي بهار جي موسم سان گڏ رنگن جو تهوار هولي شروع ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ هندو ڀائرن جي اڪثريت گهٽ آهي پر پوءِ بہ اسان وٽ هي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ هتي رهندڙ هر مذهب جي ماڻهو کي پوري آزادي آهي تہ هو پنهنجا مذهبي تهوار پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائي سگهن ٿا.
هولي هندو ڪئلنڊر مطابق پرنمائشي جي مهيني ۾ ملهائي ويندي آهي، جڏهن چنڊ 14 جو ٿي ويندو آهي. هولي کي پيار، محبت ۽ خوشي جو تهوار پڻ تصور ڪيو ويندو آهي.
اهو تهوار عام طور تي هندستان، نيپال ۽ ڏکڻ ايشيا جي مختلف حصن ۾ ملهايو ويندو آهي. پر هاڻي هولي پوري دنيا ۾ هڪ خوشيءَ جي تهوار طور ملهائي ويندي آهي.
هولي جو ڏينهن اصل ۾ تہ هندو مذهب سان تعلق رکي ٿو پر هن وقت سڄي دنيا ۾ پيار، محبت ۽ رنگن جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي. هولي جو ذڪر هندن جي قديم ۽ مقدس ڪتاب (پراڻ) ۾ ملي ٿو.
هندن جي قديم شاعر ڪاليداس ان جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ پڻ ڪيو آهي.

تاريخي پس منظر

جيستائين تاريخ ۾ ان جو ذڪر ملي ٿو تہ هولي کي هڪ ڏائڻ عورت #هوليڪا سان ڳنڍيو ويندو آهي، جيڪا هڪ شيطان بادشاهه #هرناياڪاشيو جي ڀيڻ هئي.
ان بادشاهہ کي اوتار مليل هو، جنهن ڪري هن کي ڪوبہ شڪست نہ پيو ڏيئي سگهي، ان ڪري اهو بادشاهہ پاڻ کي خدا سڏرائڻ لڳو، مغرور ٿي ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ منهنجي پوڄا ڪيو ، پر ٻين ماڻهن سان گڏ هن جي پنهنجي سڳي پٽ #پرهلدا پڻ هن کي نه قبوليو. پرهلدا جيڪو پاڻ ڀڳوان وشنوءَ جو هڪ سچو ڀڳت هيو تنهنڪري هن پنهنجي پيءُ کي ڀڳوان مڃڻ کان انڪار ڪيو.
ان جي پيءُ ان تي تمام گهڻا ظلم ڪيا پر هن پنهنجي پيءُ جي سامهون ڪنڌ نہ جهڪايو، آخرڪار هوليڪا جيڪا بادشاهه جي ڀيڻ هئي پرهلدا کي مارڻ لاءِ هڪ منصوبو ٺاهيو ۽ اهڙي طرح هن وڏي ارٿي (باهہ) جو انتظام ڪيو.
هوليڪا پاڻ کي باهہ کان بچائڻ لاءِ جادوئي شـــــال پاتو ڇوتہ هن وٽ اهو شال هيو. پر جڏهن پرهلدا ۽ هوليڪا ارٿي تي ويٺا تہ شال اڏري پرهلدا جي ڪلهن تي پئي ۽ ان نموني سان پرهلدا بچي ويو ۽ هوليڪا سڙي وئي. ان موقعي تي هرنايا ڪاشيو اچي ويو ۽ پرهلدا تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ڀڳوان وشنو پهچي ويا.
هرنايا ڪاشيو راڪشس کي پنهنجي هٿن سان ماريو ويو ۽ ان نموني تي سچائي جي جيت ٿي. ان کان پوءِ هر سال هولي جي رات تي ان موقعي کي ملهائڻ لاءِ هڪ وڏي ارٿي (باهہ) جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، ۽ هوليڪا جو بوتو لٽڪائي باهه ڏيئي ساڙيو ويندو آهي.
هن موقعي کي هندو، هندو مذهب جي جيت طور ملهائيندا آهن. اها نشاني هوندي آهي ته هاڻي اوندهہ ختم ٿي وئي، روشني اچي وئي. اهو ئي مقصد آهي ته هولي کي سياري جي اختتام ۽ بهار جي آمد وقت ملهايو ويندو آهي.
جهڙي ريت مسلمان عيد جو ڏهاڙو پنهنجن مٽن مائٽن سان گڏجي ملهائيندا آهن، اهڙي ريت هندو بہ هن ڏينهن کي خوشين ۽ رنگن جو ڏينهن ڪوٺيندا آهن. جنهن ڏينهن تي هو پنهنجا سڀ غم وساري هڪ ٻئي سان پنهنجون خوشيون ونڊيندا آهن.

تياريون

هولي جو ڏينهن پاڻ سان گڏ ٻيون بہ گهڻيون ئي شيون کڻي ايندو آهي. جيئن ”هوليڪا ڌان“ جيڪا هوليڪا کي ساڙڻ جي رسم آهي. ان رسم سان هولي جي شروعات ٿئي ٿي. هولي جي ڏهاڙي تي عورتون مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪنديون آهن، جهڙوڪ گُجِيا، ماٿري، مال ڪوواس ۽ ڀنگ پي ڪري ماڻهو ڳائيندا ۽ جهمريون هڻندا آهن.
عام طور تي اُهي وڏي جڳهه تي گڏ ٿيندا آهن. سڀئي ماڻهو مرد توڙي عورتون اڇو لباس پائيندا آهن، اهي هڪٻئي تي رنگ اڇلائيندا آهن، رنگ هڻڻ لاءِ هڪ خاص قسم جا اسپري جن کي پچڪاري چئبو آهي اهي تيار ڪيون وينديون آهن. هولي جي ڏينهن تي هرهڪ ماڻهو رنگن جو مجسمو لڳندو آهي

علاج ۽ دوا

سياري جي ٿڌ کانپوءَ جا تپ ۽ زڪام ليس جي وبا کان بچڻ لاءِ انهن رنگن کي خاص آيرويدڪ ۽ سنياسي مهارت سان ٺاهيو ويندو رهيو آهي جنهن ۾ نم، ڪم ڪم، هيڊ جو استعمال بہ ٿئي ٿو.

Post a Comment

0 Comments