Ticker Posts

3/Sufi/recent/ticker-posts

Header Ads Widget

آخر اسانجي دنيا جو اهو پهريون مها ڏاهو ڪير آهي

 آخر اسانجي دنيا جو اهو پهريون مها ڏاهو ڪير آهي

اکرن جي علم جي عشاقن کي مُنڍ کانوٺي اها اُڻ تڻ ۽ ڳولا رهي تہ آخر اسانجي دنيا جو اهو پهريون مها ڏاهو ڪير آهي جنهنجي ڏاهپ لاءِ ڪجھ چٽا بيان هجن.
گهڻي ڳولا کانپوءِ اهلِ علم ان نتيجي تي پهتا تہ ڏاهپ (حڪمت) نبوت جو ئي ٻيو نانَُ آھي جيڪا حضرت ادريس عليھہ السلام جي حصي ۾ آئي. عالمن جن ڏاهن کي “شروعاتي ڏاها“ چون پيا سي، يا تہ ادريس ع س جا شاگرد هئا يا تہ سندن شاگردن جا بہ شاگرد.
Picture of Idris as
Hazrat Idris The First Man who devoted himself to philosophy

ادريس ع-س جي ڄم ۽ رهائش

ادريس ع-س جي ڄم ۽ رهائش لاءِ هؤنئن تہ گهڻو ڪجھ لکيو چيو ويو آھي جنهن ۾ گهڻائي تضاد ۽ مونجهارا پڻ آهن پر هڪ شئي چِٽي آهي تہ پاڻ مصر جي هڪ جاءِ “منف“ ۾ پيدا ٿيا ۽ اوهان جو نالو ”هرمس الهراسہ“ هو.
هرمس يوناني لفظ اريس معنيٰ عطارد آهي. ڪجھ عالمن جو خيال هو تہ ادريس جو نالو طرمين هو. عبرانين جي نظر ۾ اوهان خنوع ۽ عربن ۾ اخنوخ سڏيا ويا، پر مسلمانن جي مقدس ڪتاب قران ۾ اوهان کي ادريس جي نانَُ سان ياد ڪيو ويو جيڪو لفظ درس مان ورتل آهي.
اوهان لاءِ مشهور آهي تہ اوهان مصر مان نڪري سڄي زمين جو سير ڪيو ۽ 82 سالن جي ڄمار ۾ واپس اچي اتي وصال ڪيو

اغثاذيمون شيث ع-س جو ٻيو نالو آهي

ڪجھ عالم اهو بہ چون ٿا تہ اوهان جو استاد غوثا ذيمون يا اغثاذيمون آهي پر ان جو وڌيڪ حوالو نٿو ملي، رڳو ايترو تہ اغثاذيمون شيث ع-س جو ٻيو نالو آهي.
شجره نسب: ادريس پٽ يارد پٽ مهلائيل پٽ قينان پٽ انوش پٽ شيث پٽ آدم ع-س
جماعت: پاڻ پنهنجي جماعت جو نالو بابليو رکيو. سرياني ٻولي ۾ بابل وڏي ندي يا شاخ آهي. بابليو لفظ جي معنيٰ مختلف ڪڍي ٿي وڃي ڪي چون ٿا تہ نهر يا نهر جهڙي، ڪي چون تہ نهر جيان هڪ نهر، نهر مبارڪ يا سڀ کان وڏي نهر

ادريس ع س شهرن ۽ ملڪن جي علم جو بہ ڄاڻو هو

ان وقت دنيا ۾ رڳو 70 ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون جيڪي ادريس ع س کي سيکاريون ويون
ادريس ع س ڏاهپ جو باني هو اوهان تي آسمانن جا راز کوليل هئا. کين اهو معلوم هو تہ آسمان جي ماهيت ڇاهي ان جو وجود ڇا سان ٺهيل آهي، تارا ڪٿان آيا، سال ۽ مهينن جو علم وغيره وغيره جي ڄاڻ کيس هئي.
ادريس ع س شهرن ۽ ملڪن جي علم جو بہ ڄاڻو هو ۽ انهي ۾ نظام جي باري ۾ بہ کيس ڄاڻ هئي ڇو تہ شھريت، شهري سياست، ان جي نظام بابت هن تعليم ڏني پاڻ سڄي زمين کي 4 حصن ۾ ورهايو ۽ ان وقت 188 شهر جڙيا. هر حصي جو هڪ امير (بادشاھ) مقرر ڪيائون جن جا نالا هي آهن.
1.ايلاوس (رحيم)
2.زوس
3.اسقلبيوس
4.زوس امون
شريعت ادريس جا بنيادي مول متا هي هئا
1. اڪيلي اللّه جي وحدت جو اقرار، اعتبار ۽ عبادت
2. عزابِ آخرت کان بچڻ لاءِ صالح عمل
3. دنياوي دلچسپي کان ڪناره ڪشي
4. انصاف، روزو، نماز، غريبن جي مدد، زڪات، جهاد وغيره
اوهان ماڻهن لاءِ ڪجھ عيدون بہ مقرر ڪيون. کيس گلاب جو گل، ڪڻڪ ۽ انگور پسند هئا ۽ انهن شين جي خيرات جي بہ تلقين ڪئي.
هن سڄي دنيا تي قبضي کانپوءِ دنيا کي ٽن طبقن ۾ ورهايو،
1. پرهيزگار
2. بادشاھ
3. عوام

ادريس ع س جو مونهن مهانڊو

ادريس ع س جو مونهن مهانڊو: ڊگهو قد، ويڪري پيشاني، چهرو وڻندڙ، گهاٽي ڏاڙهي، سينو ڪشادو، هڏ موڪرو، گوشت گهٽ
چال چلت:
گهمڻ مهل اکيون جهڪاميل گهڻو ڪري زمين تي مرڪز، تمام گهڻو سوچيندا هئا، ڪاوڙ ۾ تمام گهڻو گرم ٿيندا هئا، ڪچهري دؤران اشهد آڱر گهڻي چوريندا هئا.
سندن وصال کانپوءِ، مقرر ٿيل چئني بادشاهن منجهان اسقل بيوس تمام بلند عزم انسان هئا هن درس و تدريس کي ڦھلايو ۽ ڪاربند رهيو، ادريس جي فراق جو اثر کيس ايترو رسيو جو هن ادريس جون تصويرون ٺهرايون ۽ عبادت گاھن ۾ لڳرايون ۽ انهن تصويرن کي طوفانِ نوح بہ تباھ نہ ڪري سگهيو هو

Post a Comment

0 Comments