Sindh jiyan Piyari - Sindhi Poetry
مــــان ڄاڻـــان ٿـو تون ڌاري آن
مــــان ڄاڻـــان ٿـو تون ڌاري آن
مونکي سنـڌ جيان پر پياري آن
تنھنجي ذات جدا، ھر بات جُدا
جـــذبــات جُــدا، فــڪرات جُــدا
توکي وک وک تي مان پنهنجو ڪيان
اڄ مونــکان پڇــيـن ٿــي پــردو ڪيان
تنھنجي معصوميت جي ساک کڻان
تنـھنــجي ڳــلڙن تـان مان باک کڻان
منھنجي من ۾ ڏاڍي اوندھ آ
۽ دل جــو صــحن انــڌھيــرو آ
مونکي پڪ نه ھُئي امڪان ھُيو
تــنــھنــجو جلدي ٿي امتحان ويو
تـــــو ھــــاڻي جــو ڪاليـــج ڇڏيو
مان سمجھان ٿو نڪرڻ ڀي ڇڏيو
۽ صبح جو ساڳئي رستي تان
گذرڻ به ڇڏيو، مرڪڻ به ڇڏيو
ڏس تو سان ھاڻي ڪيئن ملان؟
ڪٿي بيھڻ توکي ڪيئن ڏسان؟
خط، تحفا، گــفٽُون ڪيــئن ڏيان؟
ايئن دل کي وھم ڦـيـري ويــا ھن
ڄــڻ ڳــوٺ کي فوجي گھيـري ويا
مون تي نظرن جو ڪرفـــيُو آءَ لڳل
ھر راھ رُڪيل، گھٽ، گھيڙ جھليل
تنھنجو گھر ڀي ڏٺل، رستو ڀي ڏٺل
پر ظـــــــالم قــــاتـــل رســــمــن جا
ھــــر پـــــاســــي آھـــن رنـگ لڪل
ان لاء نــــــه ٿــــو تـــــو ڏانــھن اچان
ٿـــو ايـــــندي ويـــــندي واپـــس ٿيان
۽ دل ۾ ٿــــــــــــو ويـــــــچار ڪـــيــان
مان تـــــــوکــــان ھـڪڙي ڳالھ پڇان
جـــي ھاڻــي نه ٿي ڪالــيج وڃين
ڇـــــو ســــرتــيـن کان ٿي ڏُور رھين
تـــن ساڻ ته مــل، تن ساڻ ته کـــل
ھـــــل ٿــــورو ھل، ھــــل ٿـــــورو ھل
منھنجي روح جي راھ تـــان ٿورو ھل
منھنجي اکڙين کان ڀي نه ٿي اوجھل
پـــنھنـــجي پرس کي ٿورو کولي ڏس
جــــــــا تــــــو وٽ ھـــــــاڻ امــــانت آ
منــــھنجي پيار جـــي توکي پــارت آ
توُن مونکان پــنھنجا خط ته وٺ
Picture Courtesy: STOCKSNAP By Pixabay
ڏس جن تي منھنجو نانءُ نه آ
ڄڻ مون وٽ منھنجو ھانءُ نه آ
مونکي اڳ۾ اھڙي ڄاڻ نه ھُئي
تون مونکان ويندئين ايئن کسي
جيئن حـــق سمــورا ڌرتيءَ کان
جيئن دھشتگرد ڪراچيءَ کي
ٿــــا سنڌ سڄــيءَ کان ڌار گھُرن
ھي راتين جا رکوال سڀئي
ٿا توکي مون کان ايئن ڇنن
ھن پيار جي دشمن دنيا ۾
سڀ عادل ٿيا، انصاف نه ٿيو
ھڪ پيار جو ڏوھ ڀي معاف نه ٿيو
ويو توکي مونکان ڌار ڪيو
ڄڻ ٽاريءَ مان ڪنھن گُل ڇنو
پر توسان جيڪو رشتو آ
سو رشتو اي نه ٽٽڻو آ
تون مونکان ڌار نه ٿيڻي آن
تون منھنجي آن، تون منھنجي آن
1 Comments
زبردست
ReplyDeletePlease Do not Type Links and Spam. Your Precious thought may stay in the dustbin.