Ticker Posts

3/Sufi/recent/ticker-posts

Header Ads Widget

سنڌ جي شھيد سورھيه بادشاھ کي سلام

تنھن سورھئي کي شاباس
جو مٿي پِڙ پرزا ٿيو.

سنڌ جي شھيد سورھيه بادشاھ کي سلام


پاڳارا پير سائين سورهيه بادشاھ جي ولادت با سعادت 1909 ۽ ڪجھ ماڻهن مطابق 1910 ۾ خيرپور ميرس ۾ ٿي
پاڳارا پير، سنڌ جو هڪ معروف گهراڻو آهي. سندن شجره نسب حضرت امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو. سندن وڏي سيد علي مڪي هاشميرح پنجينءَ صديءَ هجريءَ ڌاري عباسي خلافت واري دور ۾ اسلامي لشڪر سان سنڌ جي والي راجا دلوراءِ سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏني هئي. ان بعد هو سيوهڻ شريف جي اتر طرف ڀڳي ٽوڙي جبل ويجهو لڪيءَ جي مقام ’چشمه هارون‘ وٽ اچي رهيا. ڳچ وقت عبادت ۽ رياضت کان پوءِ پنهنجي وطن عرب موٽي ويو، پر سندس چار فرزند هتي رهيا. سندس اولاد مان سيد محمد شاهه عرف ’شاهه صدر‘، ولايت جي اعليٰ درجي تي پهتا
 شاهه صدر لڪياريءَ جي فرزندن مان سيد محمود شاهه لڪياري هڪ عارف ۽ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي، جنهن جي اولاد مان غالباً ڏهين پيڙهيءَ مان سيد خدا بخش شاهه عرف سيد کٽڻ شاهه پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ لڪي شاهه صدر مان لڏي ضلعي خيرپور جي ڳوٺ رسول پور عرف سائدي ننڍي، ديهه گاگڙي (تعلقي گمبٽ) ۾ اچي رهيا. ان کان پوءِ سندن اولاد پير ڳوٺ ۾ رهائش ڪئي
پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ هڪ وڏي درسگاهه، جيڪا راشدي خاندان جي پنجين گادي نشين، سيد شاھ  مردان شاھ اول (ڪوٽ ڌڻي) قائم ڪئي هئي. 1904ع ۾ هن ديني درسگاهه جو باقاعده بنياد وڌو ويو



سورهيه بادشاھ


1922 ۾ ، صبغت الله شاهه II (سورهيه بادشاهه) 12 سالن جي عمر ۾ پير پاڳارو بڻيو. هن چيو ته انگريز آفيسرن طرفان حر جماعت ۽ سنڌي ماڻهن سان سلوڪ بلڪل اڍنگو هو. سائين جن سندن رويي کي ناپسند ڪيو ۽ عوامي آزاديءَ جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي.
سائين جن انگريزن جي نوآبادياتي حڪومت خلاف مهم هلائي ۽ ٻين کي به ساڳيو ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيو. نتيجي ۾ حريت تحريڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. پير صاحب گڙنگ بنگلو (خيرپور ميرس) ۾ پنهنجو جنرل هيڍ ڪوارٽر قائم ڪيو.
سائين جن هٿياربند جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پيروڪارن ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي تربيت ڏني. سندن نعرا هئا
”وطن يا موت“
”آزادي يا موت“

سنڌ جي شھيد سورھيه بادشاھ


حر تحريڪ صبغت الله شاه اول شروع ڪئي [1831-1779]. اها تحريڪ صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاھ ٻئين جي دوُر دوران پنهنجي عروج تي پهتي. خاص طور تي جڏهن حر فورس بڻجي نوآبادياتي انگريز حڪمران جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. ان وقت انگريزن احمد نگر انڊيا جي واسپور ضلعي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وِڌو.

”لاهور ميل“ ريلوي گاڏي 16 مئي 1942 تي حرن جي ذريعي پٽڙي تان لاٿي وئي. حر آرمي انگريز پوليس تي حملو ڪيو ۽ انهن ”ڀيڄ پاڳارا“ جو نعرو بلند ڪيو. تڏهن انگريز سرڪار ڏمرجي پئي ۽ حرن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ، حرن جي مرڪزي ڪئمپ گڙنگ بنگلو تي ، 26 مئي 1943 تي بمباري ڪري تباهه ڪيو ويو. ان کان ڇھ مهينا بعد انگريزن حر فورس جي سربراه پير سوهيه بادشاہ کي 24 آڪٽوبر 1941 تي گرفتار ڪري هندستان جي پرڳڻي مڌيا پرديش جي شهر سيوني ۾ قيد ڪيو ويو.

ان کان پوءِ سورهيه بادشاھ جا جانباز حر مجاهدن، انگريزن جي نظام کي مفلوج ڪرڻ ۽ پنهنجي روحاني رهبر آزادي جي متوالي سورهيه بادشاھ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ طور پوليس ۽ آرمي، سرڪاري عمارتن، ريلوي اسٽيشنن، ٽيليفون نظام ۽ آبپاشي نظام تي حملا شروع ڪري نوآبادياتي حڪومت جي خلاف پنهنجون سرگرميون تيز ڪيون.

پير صاحب پاگارا کي جنوري 1943 ۾ سيوني کان سنڌ آندو ويو ۽ کيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو. انتهائي مخفي انداز ۾ صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاھ ٻئين کي 1943 ۾ 20 مارچ تي جيل جي ڦاسي گهاٽ ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. ڦوھ جواني ۾ ڪٺل راڻي جي عمر 23 يا 24 سال مس هئي. ان عمر ۾ انگريزن کي راڱا ڏيندڙ سنڌ جو عظيم بادشاھ موت کي فخر سان محبوبه سمجهي ڀاڪي وڌي.
ان خبر کي خفيه رکيو ويو ڇو ته شديد عوامي عمل جي اظهار جو امڪان هو.
1942 ع ۾ ، سنڌ جي اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. هڪ جنگي ماحول بڻجي ويو. سنڌ جي ڪيئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پڪڙ دڪڙ جو سلسلو به هلدنو رهيو. چوڌاري جنگي باھ جلي رهي هئي.

پيرسائين سورهيه بادشاه انگريز سامراج کان آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ڏکيا ڏينهن ڏٺا. 1930ع کان 1938ع تائين کين رتناگري، مدنا پور، ڍاڪا ۽ راج شاهي جيل ۾ هٿيارن رکڻ جي جرم ۾ قيد رکيو ويو. ۽ 1940ع کان 1943ع تائين وري ناگپور جيل ۾ قيد ڪري ڊفينس آف انڊيا تحت ڪيس هلائي ڦاسي ڏني ويئي.
 ڦاسي جي وقت عبادت ڪري پاڻ سپرنٽِنڊنٽ کي هلڻ لاءِ چيائون، سپرنٽينڊنٽ جو بيان آهي ته مان پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ موت کي اهڙي بهادريءَ سان ڀليڪار چوڻ وارو مرد ناهي ڏٺو

نشان مرد مومن با تو گويم
چون موت آيد تبسم برلب اوست

20 مارچ 1943ع واري ڏينهن سنڌ جي هن عظيم سپوت کي شهادت جو جام پياريو ويو. پر افسوس جو اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته پيرسائين سورهيه بادشاهه کي ڪٿي دفن ڪيو ويو

انگريزن 1943 ۾ پيرڳوٺ ۽ درگاه شريف کي تباهه ڪيو.
ان وقت ماکي ٻيلي ۾ حر مجاهدن پنهنجي ڪئمپ قائم ڪئي.
نوآبادياتي حڪومت گڙنگ بنگلو ، ماکي ٻيلو ۽ درگاه شريف تي بمباري کان پوءِ حر تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ شڪي ماڻهن کي هزارن جي تعداد ۾ خاندانن سميت گرفتار ڪري 1952 تائين قيد رکيو.

سنڌ جو عظيم ڪردار، وطن يا ڪفن ،آزادي يا موت جو نعرو ڏيندڙ شھيد سورهيه بادشاه جنهن جي دليري کان انگريز سمراج ايترو ته ڊنل هو جو سائين کي شھيد ڪرڻ کانپوء انھن جي مڙه کي گم ڪري ڇڏيو ويو۔ پر ان عظيم شھيد جي محبت ماڻھن جي دلين مان ختم نه ڪري سگھيا۔
20 مارچ سندن شھادت جو ڏينھن آھي۔ سورهيه بادشاه کي ساريون ٿا ۽ سلام پيش ڪريون ٿا

سنڌ ڌرتيءَ جو عظيم فرزند وطن يا ڪفن ،آزادي يا موت جي نعري تي اٽل رهندڙ شهيدِ اعظم، امامِ انقلاب شھيد سورهيه بادشاه جنهن گوري انگريز سامراج کي هن ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍڻ جي هر ڪوشس ڪئي. جنهن جي دليري کان انگريز سمراج ايترو ته ڊنل هو جو انهن شهيد سورهيه بادشاه کي حيدرآباد جيل ۾ شھيد ڪرڻ کانپوء ان جي مڙه کي ئي گمنام ڪري ڇڏيو۔
پر انگريز سرڪار ان عظيم شھيد جي محبت پوري دنيا جي دلين اندر ختم نہ ڪري سگھيا. مارچ مهيني جي 20 تاريخ تي سندس شهادت واري ڏهاڙي تي سموري سنڌ کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي

سيد المجاهدين حضرت پیر سائین سيد سورِھَ بادشاه قدس سره جو پیغام حريت، شريعت ۽ جهاد آهي.
جهاد مومن جو زيور ۽ عزت آهي
اي شھيدِ حق، سـورھـيه امام
ياد رکڻ گهرجي تہ امامِ انقلاب شھيدِ حق و صداقت حضرت سيد محمد صبغة اللّٰه شاھ ثاني پڳ ڌڻي سردار پاڳارا امام، سورهيه شھيد قدس سره اسلام پاڪ جي علمبردار محي الدين والسنة امام العارفين حضرت سيدنا و مرشدنا سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره العزيز جن جا ۽ اسلامي غيرت ۽ حريت سان لبريز فرزند ۽ مسند نشين پاڳارا ھئا
اوھان جي عـظمـت کي سلام
اي بُـلـند ڪـنـدڙ عَـلـمِ اسـلام
اوھان جي شـھادت کي سلام

شھيد بادشاھ ورھاڱي, ڪانگريس, مسلم ليگ جي نظريي جي سخت خلاف ھو. ھو آزاد خودمختيار سنڌ جي آزادي جو حامي ھو . سورھ بادشاھ ٻه قومي ۽ نئين رياست جي بلڪل خلاف ھو. جڏھن سائين جي ايم سيد وٽن ويا ۽ الڳ مسلم رياست جي ڳالھ ڪيائون ته پير صاحب سخت مخالفت ڪئي
۽ ھدايت ڏنائين ته اھڙو وڻ نه پوکيو جنهن مان ايندڙ نسل کي رڳو ڪنڊا ملن. سائين سورهيہ جن جي تحريڪ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هئي. پاڻ پير سائين سورهيہ بادشاھ جن جي ايم سيد صاحب کي چيو هيو تہ اچو تہ گڏجي سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ هلايون.
سندن حُر تحريڪ جو پورو پورو نظريو سردارِ دوجھان خاتم النبين حضور حبيب محمد ڪريم صلي اللّٰه عليه وآله وسلم جي اسلامي جھاد وارو ھو. يعني ھن سنڌ ڌرتيءَ تان ڪفر، ظلم ۽ ناانصافيءَ کي ختم ڪري اسلامي نظام ۽ آزاد جداگانه ۽ خوشحال وطن قائم ڪرڻ پهريو مقصد هو.

آزادي جي علمبردار امام انقلاب سنڌ جي ديوتا کي نمي سلام



حضرت سورهيه شھيد جي نسبت، صورت، عمل، گفتگو، تحرير ۽ ڪوشش مان پڻ
سؤ فيصد اسلامي اقدار واضح نظر اچن ٿا

شھيد سورھيه بادشاھ



حضرت پيرسائين جن جي اسلامي نظريات جي مخالفت ۾ اسلام دشمنن جون ڀرپور ڪوششون، سندن درگاھ ۽ حويلين کي ڊاھڻ، سندن حرجماعت مٿان ظلم جا پھاڙ ڪيرائڻ ۽ آخر ۾ کين شھيد ڪرڻ پڻ انهيءَ ڳالھ جو واضح ثبوت آھي تہ محض اسلام دشمنيءَ ۾ کيس شھيد ڪيو ويو.
اهو باشعور ڌرتي ڌڻين جو فرض آهي حقيقي محسنن کي وسارڻ نه گهرجي. ڇوته تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ناجائزي پنهنجي هر ايندڙ نسل کي حقيقي ڌرتي عاشق جي ڏنل عظيم قربانين کان پري رکڻ آهي.
انگريزن جي غلامي مان نجات ڏياريندڙ برصغير جي آزادي جو عظيم ھيرو امام انقلاب شھيد سورھيه بادشاھ ۽ سندس محب وطن حرن جي عظيم قرباني کي سلام پيش ڪرڻ هر سنڌي تي فرض آهي. هو سنڌ جا قومي هيرو آهن.

سنڌ , برصغير جي حقيقي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سورهيہ پيرسائين صبغت اللّه شاھ شهيد سورهيه بادشاھ پيرپاڳارو جن کي هميشه ياد رکيو آهي.



سورهيه بادشاه - حافظ فتح محمد مهر

سورهين جي ساٿ جا سرواڻ سورهيه بادشاه
آجپي عزت ۽ امن جا اهڃاڻ سورهيه بادشاه
تو غلامي گار سمجهي، 
توسلامي عار سمجهي
سيج کي تو خارسمجهي، 
ويرين جو وار سمجهي
پئين ڪڏي تون پاڻ سورهيه بادشاه
سورهين جي ساٿ جا سرواڻ سورهيه بادشاه
آجپي عزت ۽ امن جا اهڃاڻ سورهيه بادشاه

سرموڙ هئين سالار تون، 
ديس جو دادلو دلدار تون
حوصلي همت سندو هالارتون، 
پڳ جو ڌڻي پڳدار تون
ڪونه ٿيندو تو جهڙوهاڻ سورهيه بادشاه
سورهين جي ساٿ جا سرواڻ سورهيه بادشاه
آجپي عزت ۽ امن جا اهڃاڻ سورهيه بادشاه

نه سربهادر نواب ورتئي ،
 تحفو نه ڪوئي خطاب ورتئي
غاصبن کان حساب ورتئي ، 
حساب ڀي لاجواب ورتئي
ڪڍي نه ڪنهنجي تو ڪاڻ سورهيه بادشاه
سورهين جي ساٿ جا سرواڻ سورهيه بادشاه
آجپي عزت ۽ امن جا اهڃاڻ سورهيه بادشاه

اسين به حافظ اوهان جا غازي ،
 نئين نه آهي اسان لئه بازي
غيراڳيان ڪبي نه آزي ،
 رڳو ئي رانجهن رهين تون راضي
نه مڃبي ڪنهن جي آڻ سورهيه بادشاه
سورهين جي ساٿ جا سرواڻ سورهيه بادشاه
آجپي عزت ۽ امن جا اهڃاڻ سورهيه بادشاه





پيرسائين سورهيه بادشاه انگريز سامراج کان آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ڏکيا ڏينهن ڏٺا. 1930ع کان 1938ع تائين کين رتناگري، مدنا پور، ڍاڪا ۽ راج شاهي جيل ۾ هٿيارن رکڻ جي جرم ۾ قيد رکيو ويو. ۽ 1940ع کان 1943ع تائين وري ناگپور جيل ۾ قيد ڪري ڊفينس آف انڊيا تحت ڪيس هلائي ڦاسي ڏني ويئي.
 ڦاسي جي وقت عبادت ڪري پاڻ سپرنٽِنڊنٽ کي هلڻ لاءِ چيائون، سپرنٽينڊنٽ جو بيان آهي ته مان پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ موت کي اهڙي بهادريءَ سان ڀليڪار چوڻ وارو مرد ناهي ڏٺو

نشان مرد مومن با تو گويم
چون موت آيد تبسم برلب اوست

20 مارچ 1943ع واري ڏينهن سنڌ جي هن عظيم سپوت کي شهادت جو جام پياريو ويو. پر افسوس جو اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته پيرسائين سورهيه بادشاهه کي ڪٿي دفن ڪيو ويو



جيل جي اسٽاف منجهان ڪنهن شخص هڪ ليکڪ ناصر جمال کي ٻڌايو ته هن پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻڌو آهن ته سورهي بادشاه کي پاڪستان جي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي گھاٽ جي ٻاهران دفن ڪيو ويو هو. ڇو ته انگريز سرڪار کي حر مجاهدن کان سخت ردعمل جي توقع هئي. نوآبادياتي اختيارين ۽ نظام  سنڌ جي شھيد سورھيه بادشاھ کي دفن ڪرڻ واري جڳھ کي ان لاءِ به لڪايو ته هو پنهنجي پيروڪارن ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ يادگار نه بڻجي وڃي. پر انگريز سرڪار کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جو شھيد سورھيه بادشاھ سنڌ جي هڪ يادگار بڻجي چڪو آهي. هر حر مجاهد جي دل ۾ اڄ به سندس قبر آهي. جٿ هو کيس هميشه ياد ڪن ٿا. کيس پنهنجي عبادتن ۾ شامل ڪري چڪا آهن.

Post a Comment

0 Comments