Ticker Posts

3/Sufi/recent/ticker-posts

Header Ads Widget

سُر ڪاموڏ - لطيفي لات: شاھ عبدالطيف ڀٽائي

 لطيفي لات: شاھ عبدالطيف ڀٽائي

سُر ڪاموڏ

سر ڪاموڏ


تُون سَمو، آئوُن گَندري، مُون ۾ عَيبَ اَپار،

پَسِي لِيءَ لغار، مَتان ماڱَر مَٽيِئن!

سمجھاڻي: ”تون سمو سردار آهين ۽ مان گندري ذات جي مهاڻي آهيان ۽ مون ۾ گھڻيون اوڻايون آهن. تون متان مڇيءَ جي گگ ڏسي، مون ماڱر ذات جي مهاڻيءَ کان منهنڙو مٽائين.“

 

نـ وَڍي نـ وڪِڻي، نـ ماري، نـ ڌاري،

کارو وڌائين کُوھ ۾، نِرٽوُن نِهاري،

سائي پَر پَاري جا گَھر سَمي جي سَپَڄي.

سمجھاڻي: نوري هاڻ نـ مڇي ٿي وڍي نـ وڪڻي ٿي، نـ مڇي ماري ٿي،نـ پاڻ وٽ رکي ٿي، هن مڇيءَ جو ٽڪرو ڄاڻي ٻجھي ۽ ڏسي وائسي، کوھ ۾ کڻي اڇلايو. (مڇيءَ سان وهنوار نـ ٿي رکي. هوءَ اها ئي هلت چلت ٿي هلي، جا سمي حاڪم جي محل ۾ ٿي ورتجي.)

 

مُھاڻيءَ جي مَنَ ۾، نـ گيرب نـ گاءُ،

نيڻن سين ناز ڪري، ريجھايائين راءُ،

سَمو سَڀن مُلاءُ هيريائين حِرفت سين.

 

سمجھاڻي: مهاڻي (نوريءَ) جي اندر ۾ نـ هٽ هو، نـ وڏائي. هن اکڙين سان ماڻو ڪري، راجا کي ريجھايو. مڙني راڻين وچان، هن ئي سمي سردار کي چترائيءَسان موهي وڌو.

 

سَميوُن ڪَري سِينگارُ، راءِ ريجھائِڻَ آئيوُن،

ڄاَم هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُٻيرن وچَ ۾.

سمجھاڻي: سميون هار سينگار ڪري، راجا کي ريجھائڻ لاءِ آيون. ڄام تماچي جي هٿ ۾ مڇي ڦاسائڻ جي ڄار آهي ۽ هُو جھٻير ذات جي مهاڻن جي وچ ۾ پيو ٽلي ٽهلي.

 

ڪو جو ڪامَڻُ مي، آهي اَکَڙيُن ۾،

تَن تَماچيءَ ڄامَ جو، نابُون پايو ني،

عِشقُ ائَِن ڪَري، جِئن ڄارو ڄام ڪلهي ڪَيو.

سمجھاڻي: مهاڻي (نوريءَ) نيڻن ۾ اهڙو ڪو جادو آهي، جو ڄام تماچيءَ جي جسم کي ڄڻ نيزن تي کنيو ٿي وٺي. اها ڪرامت عشق ٿو ڪري، جو ڄام تماچيءَ جھڙو راجا، مهاڻن جي ڄار ڪلهي تي ٿو کڻي.

Post a Comment

0 Comments