حضرت سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري ۽ ڪلام ۾ جيڪي وحدت جا رنگ آهن سي ته جلوت کي خلوت جو لبادو اوڙهي پوءِ ڳُوڙهي اِڀياس ۽ مشاهدي سان ڪنهن حد تائين پروڙي سگهجن ٿا. هن پوسٽ ۾ ڪجھ شهنشاھ سچل جا اسرار پيش ڪجن ٿا
حضرت سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري
،پچو نه منهنجي ذات جوئي آهيان سو ئي آهيان
اچڻ ٿيو اسان جو اتائين جاٿي ڏينهن نه رات
ظاهر آهي زبانون منهنجي الاقرب سندءِ ڪلمات
" سچو" سر سهي ڪر پنهنجو عشق منهجون عشقات
سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري
روئي ڏنو رنگ، ڪو جو ڪامِڻِ ڪوههَ کي
سو شمه شفق سان ٿيو، سرخيان سارو سنگ
منهنجو نيهن نسنگ، پيو سمورو سڪوتَ ۾
ملي مارڳ جي مرين، ٿئي قدر ڪيچيڙن
ٿورو وڏو تن، تنهنجي اڇڻ جو ٿئي
پيس تنهنجي پيچ، پنهون ڪين ڇڏيج مون
ٻانهي ڪري پانهنجي، وڃي ٻانڀڻ جان ڪري
سچل جي صوفياڻي شاعري
لوهي لا غرضي، سپيريان جي سار
مارڻ لاءِ مشتاق جي، آهي محبن کي مرضي
سر ڏيڻ تنهن سٽ ۾، آهي فقيرن فرضي
ڪڏهن ڪو قرضي، "سچو" تنهنجي نانءَ جو
آهي ڪو نه غرضُ، محبوبن کي منهنجو
ڏيڻ سِرُ فرضُ، "سچو" سندن سٽ ۾
شهنشاھ سچل جا اسرار
پورهيائت پنهونءَ جي، آهي اصل کون هِي
جيڏيون جتن ري، ويٺي ورهه وسائيان
جَتَ موچاري جاتِ، چڱي جات جتن جي
وائي تن جي وات، سدا اٿم سرتيون
سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري
عمر اجائي گذري، ڪارڻ مٺيءَ روءِ
خام منهنجي خوءِ، ڪرور ويچاريءَ جي
هوت نه ڇڏيو هت، نيو پورهيت پاڻ سان
توريءَ ٻي ڪا چت، ڪانهي ڪميڻيءَ کي
سچل سرمست جي شاعري
اچج آرياڻي، تون وري شهر ڀنڀور ۾
آن ري ا کڙين مون، ٿو پرٽ وهي پاڻي
هوت اچي هاڻي، هيءَ نالائق نوزيو
روئي هاريان رت، ووءِ ووءِ واٽرين تي
جيڏيون ڪارڻ جت، سارو وندر ووڙيان
0 Comments
Please Do not Type Links and Spam. Your Precious thought may stay in the dustbin.