Ticker Posts

3/Sufi/recent/ticker-posts

Header Ads Widget

New SIndhi Poetry by Mansoor Jarwar 2016


New Sindhi Ghazal Poetry with Pictures 2016

New sindhi Poetry 2016 by Mansoor Jarwar
اسان راھِ عشق ۾ جو جلياسين

New Sindhi Poem  2016 by Mansoor Jarwar
------------------
ضد

هنن جو الزام تہ اسين بي خبر آهيون
اسان جي بہ سوچ ساڳي سندن لاءِ
نہ پرچاءُ ٿيو نہ درد رٺا
بس خاموشين هٿان
ڪي دل وارا ڪٺا
هو بہ حسرت ڀريا نيڻ کڻي
واجهائيندا رهيا اسان ڏي
اسان بہ درد دل جا جاڳائي
چپ چاپ سهندا رهياسي
نہ انهن ضد ڇڏي
نہ اسان پنهنجي انا
وقت ويري جيان وڌنڌو ويو
نہ هن پوءِ ڪنڌ ورائي ڏٺو
نہ مون ڪنڌ ورائي ڏٺو
نيڻ بہ ٻنهي جا آلا رهيا
چپن تي لڳل پو بي تالا رهيا
نہ هو چاهيندي بہ سڏي سگهي
پانڌ پنهنجي سان گڏي سگهي
نہ مون هن کي روڪڻ جي همت ڪئي
نہ هن موٽڻ جي همت ڪئي
ٻنهي جو فيصلو هڪ ننڍڙي ضد ڪيو
نہ مون مڃيو ڪڏهن نہ هن ئي مڃيو
-------------

Sindhi Ghazal 2016


اوهان اهلِ درد بڻجي خوشبو گهلو ٿا
پنهنجي نينهن جي ڪڍو نہ ٻاف ڇوڪرا

محفلِ دنيا ڇڏي ٿا وسايو ويرانيون
اوهان جي عشق جو عجب انصاف ڇوڪرا
انائن کان بيخبر رهو ٿا حال فقيري ۾
مذهب فتويٰ فتنا رهيا معاف ڇوڪرا
جنهن کي چاهيو ٿا تنهن کان لڪايو
اکين ئي اکين ۾ ڪيو اعتراف ڇوڪرا
--------------------

Sindhi Ghazal 2016


اسان ڪافر رولاڪ تنهنجي در جا
اوهان سراپا ناز مشهور شهر جا

نہ ڪڏهن گمان ٿيو نہ احساسِ زيان
اسان سامي سمونڊ جي هر لهر جا
پٺيان تنهنجي نڪتاسين تہ نڪتاسين
ٿياسين نہ مهمان خوف و خطر جا
ڪي جلوه هيا جادو نما اي جانِ من
جلندا رهيا سينا اسان اهلِ جگر جا
جي اٿن تہ حيات رُسن تہ فوتگي
قصا مختصر! ديدن جي اثر جا
شام بنامِ يار ۽ موسيقيِ تار
گلابي مئي مگر پيالا نظر جا
اوهان املھ ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي
اسين وڪاڻا تنهنجي هڪ اکر جا

Sindhi Ghazal for 1 may

-------------------
شڪاگو جي شهيدن جا قرض اڃان لٿا ناهن
چاڪِ گريبان تان لال لهو جا نشان لٿا ناهن

ظلمت ڪدن ۾ اڄ بہ راڄ آ سامراڄ جو 
خوابيده سفر جا دل تان وهم و گمان لٿا ناهن

هلندا هلو هوڪا بہ ٻُڌو يارو منزلن جا 
تاريڪ رستن تي مسافرن جا ڪاروان لٿا ناهن

مل ويران دل حيران مزدور بہ سارا پريشان
هجومِ ياس جا نوان نوان امتحان لٿا ناهن

مزدور سمهن ٿا ۽ سور جاڳن ٿا ضرور جاڳن ٿا
سور سوداگر سر جا سودا سڌا سنوان لٿا ناهن

--------------

Sindhi love Ghazal 2016 by Mansoor Jarwar


اسان پنهنجي سادگي جا وڻ ئي وڄائي ڇڏيا
رکي توسان ياري هي سارا زمانا ڀلائي ڇڏيا

اسان پنهنجي پراڻي سلام دعا تي بيٺا آهيون
دنيا تہ پنهنجا ڪعبہ ۽ قبلا بہ مٽائي ڇڏيا

وٺ وٺان ڀڄ ڀڄان دس دسان ڇڪ ڇڪان
دنيا پنهنجا ڪانٽا سؤ کان بہ ٽپائي ڇڏيا


--------

Sindhi love Ghazal 2016 by Mansoor Jarwar

عشق سوا روح ڪَسجي ويندا آھن
کِلي کِلي خريدار کَسجي ويندا آهن

جن تي وس ناهي هلندو ڪڏهن بہ
دل ۾ اهي ڪافر وَسجي ويندا آهن

جن سان ملڻ مهانگو ٿي ويندو آھي
اکين ۾ سي چهرا پَسجي ويندا آهن

--------------

Sindhi love Ghazal 2016 by Mansoor Jarwar

موسمن جون تلخيون نہ بدليون نہ هي سفر بدليا
اسان جون مسافتون نہ بدليون نہ هي پٿر بدليا

اوهان جي ڳَلين جا طواف ڪڏهن ڪين وسارياسين
پنڌن جون عادتون نہ بدليون نہ راھِ گذر بدليا

چُمي اوهان جا چؤکٽ چپ پنهنجا چڻنگ بڻيا
شبنمي هي شرارتون نہ بدليون نہ هي پڌر بدليا

رخِ جانان تي گيسو سدا رقصان رهيا مستان
ٻن هٿڙن جون حجتون نہ بدليون نہ ڪاريهر بدليا

نيارا نينهن جا نعرا هنيا اسان روزِ ازل کان
مقتل سان محبتون نہ بدليون نہ هي سر بدليا

---------

Sindhi love Ghazal 2016 by Mansoor Jarwar

ڏس دلبر! هي قصو مختصر
شام و سحر بس تنهنجو ذڪر

منهنجو هر عنوان چِٽو تون صفا
نہ شدمد نہ پيش نہ ڪازير و زبر

تنهنجو درد دير و حرم منهنجو
ڇا ڪليسا مسجد مونلاءِ مندر

تون تون آهين فقط بحث ڪهڙو
ڇاجو سراپا نور ڇاجو بشر

منهنجي جاڳ ننڊ اٿڻي ويهڻي
نانَُ تنهنجي آ منهنجو هر پهر

------------

Sindhi Poetry 2016 by Mansoor Jarwar

تنهنجي غم مونکي پيئڻ ڄاتو آ
مون هڪ گهڙي ۾ جيئڻ ڄاتو آ

ڪي سرمئي نگاهون کڄيون
اسان ڪنهن جو ٿيئڻ ڄاتو آ

-----------

Sindhi Azad Nazm 2016 by Mansoor Jarwar

درد ايترا ڏي پرين
جيترا سهي بہ سگهين
مون کان نہ ڀلي
ڪٿان ئي کڻي
ملندئي درد سڀاڻي
اهو ڇڏ تون ڄاڻي
جو پوکبو سو لڻبو آ
درد ڏيڻ کان اڳ
ٿورو تہ سوچبو آ

-------------
لکي لکي ڊاهيون ٿا
ڊاهي ڊاهي لکون ٿا

تنهنجا قصا يار اسان
ٺاهي ٺاهي سمجهون ٿا

اوهين ڄاڻو اوهانجا ڪم
ڪجھ پاڻ بہ ڄاڻون ٿا

جيڪا تنهنجي مرضي سائين
هلو راضي نامو ڪيون ٿا

اڪيلائي ويندي کائي
ڏاڍو يار ڊڄون ٿا

زبان ڇو گستاخ ٿئي
چپ ئي بند رکون ٿا

مقدرن جا ماريل آهيون
سڀ حساب ڇڏيون ٿا

-------

Sindhi love Ghazal 2016 by Mansoor Jarwar

الائي ڇو يار اسان جي دل تي سڀ درد عاشق آهن
بي ميار بهارن جي گلابي گلن تي رنگ زرد عاشق آهن

تون تہ تون آهين منهنجا سائين سراپا مثلِ پاڪائي
تنهنجا خمار ڏسي اسان تي شهر جا فرد عاشق آهن

منهنجا دوستو منهنجو سينو چاڪ سهي پر بيباڪ آ
لفظن جا پٿر اکين تي سڀ لهجا سرد عاشق آهن

----------

اسان راھِ عشق ۾ جو جلياسين
ميار ڪهڙي بگاڙ ڪهڙو
چراغِ محفل ٻري رهيو آ
هوا ڪهڙي اجاڙ ڪهڙو

ستمگر تنهنجا سور سڀ
عزيز آهن قريب آهن
جهولي جهلي سين نصيب آهن
ڪاوڙ ڪهڙي ساڙ ڪهڙو

يادِ يار ڪمال آهي
منِ مسڪين محل مِثل
شمار ڪجن خط خزانہ
ڪِن ڪهڙو ڪٻاڙ ڪهڙو

Post a Comment

0 Comments