Ticker Posts

3/Sufi/recent/ticker-posts

Header Ads Widget

We will Miss you Alibaba The Legend Sindhi Writer

We will Miss you Alibaba The Legend Sindhi Writer

تون ياد ايندين سائين !! علي بابا


pictures of alibaba sindhi shortstory writer


علي بابا جو اصلي نالو علي محمد، سندس والد جو نالو محمد يوسف بلوچ. 1940ع، ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو هو هڪ ناليوارو ناول نگار ۽ ڊراما نويس هو.



اوائلي زندگي

سندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو. (ڪي چون تہ ميٽرڪ جي امتحان ۾ هال ۾ ڪنهن ڇوڪري سان سندس جهيڙو ٿيو پوءِ کيس هال مان ڪڍيو ويو تہ وري اسڪول نہ
alibaba sindhi writer
Alibaba Sindhi Writer
آيو)





ملازمت

علي بابا پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور 4 سال گذاريائين. 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو اٿائين. اڄ سوڌو قلم هلي ٿو. شايد سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار آهي، جنهن کي پنهنجي ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم آهي. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. ڪلاڪار جون گهرجون اتي ڪڏهن ڪڏهن فن سان انصاف ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ٻيو رولڙو سندس نصيب ۾ لکيل آهي. ڪٿي به ٿر ٿانءِ نه ٿيو آهي.
sindhi drama writer alibaba


ادبي کيتر

علي بابا هڪ سٺو جي لڳ ڀڳ ناٽڪ تخليق ڪيا? ڪھاڻيڪاري سان گڏ هو هڪ ناول نويس پڻ آهي. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي. جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت
sindhi Poet Alibaba
جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي.

اديبن جا رايا

سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ“ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته منهنجيءَ نظر ۾ هو ”سنڌ جي روح جو پارکو“ ڪهاڻيڪار آهي. تاج کيس امر جليل ۽ نسيم کرل کان پوءِ ٽيون نمبر بهترين ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. نبض شناس، وقت جي نازڪ رڳ تي هن جا هٿ رکيل رهن ٿا ۽ دائمي اثر ڇڏين ٿا. سندس ڪهاڻي ”ڪجلا تجلا ماڻهو“..... آمريڪن اسڪالر ليڊي سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽ ڏسڻ ٿي گهري. گائيڊ سڀ ڪجهه ڏيکاريندي سنڌ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڄڻ پرٽي ڇڏي ٿو. مھين جي دڙي (Mohen Jo Daro) جي سڀيتا اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو.
وفات
last picture of alibaba sindhi writer
Akhiri Deedar Alibaba - Last Picture of Alibaba the Sindhi writer

.علي بابا، 8 اگسٽ 2016 سومر ڏهاڙي دل جو دورو پوڻ ڪري ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو

Post a Comment

0 Comments