Ticker Posts

3/Sufi/recent/ticker-posts

Header Ads Widget

سنڌي شاعري | ڳوڙها ڪير ورهائي ويو آ | غزل ملهار چانڊيو

 سنڌي شاعري ۾ روز نئون اضافو ٿيندو رهندو آهي. اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو ملهار چانڊيو جي هڪ خوبصورت غزل ڳوڙها ڪير ورهائي ويو آ

سنڌي شاعري, ڳوڙها ڪير ورهائي ويو آ, غزل ملهار چانڊيو


 سنڌي شاعري |   ڳوڙها ڪير ورهائي ويو آ | غزل ملهار چانڊيو


غزل



ڪهڙيِ بوند وسائي ويو آ
بادل باھ لڳائي ويو آ
هُن کان دوريءَ جو هر لمحو
مون ۾ زهر ملائي ويو آ
ڪل جڳ کان جو ٿيو سوڀارو
خود کان ئي هارائي ويو آ
چهرو چهرو ٿي ويو پٿر
آئينو شرمائي ويو آ
ڳل ڳل ڇو ”ملهار“ آ آلو
ڳوڙها ڪير ورهائي ويو آ؟


ملهار چانڊيو



Post a Comment

0 Comments